سندر بوٽاڻي

سندر بوٽاڻي

سندر بوٽاڻي

سندر بوٽاڻي: هندستان جو مشهور سنڌي اداڪار، ڊراما ليکڪ ۽ هدايتڪار، سندر بوٽاڻي، 27 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت ڪٽنب سان گڏ ڀارت هليو ويو، جتي ناگپور ۽ پوءِ مهاراشٽر ۾ رهڻ لڳو. مهاراشٽر ۾ ايڪانڪي توڙي ڊگهي ڊرامي لکڻ جو مشهور آرٽسٽ، هڪ ئي وقت هدايتڪار ۽ اداڪار به آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جو پنجاهه سالن کان مٿي جو عرصو اداڪاري ۽ سنڌي ڊراما لکڻ کي ڏنو آهي. هن جا مشهور ڊراما 1997ع کان 2000ع واري عرصي ۾ ’سنڌو ڪالا ڪيندرا‘ جي بينر هيٺ اسٽيج ڪيا ويا آهن. سندس ڊرامن ۾: (1) ياد ڪندا، (2) سوريءَ سڏ ڪيو، (3) هڪ عجيب انسان، (4) رام اڃا بنواس ۾ آهي، (5) فنا، ۽ (6) هيءُ پياسو منهنجو من وغيره مشهور آهن.
سندر بوٽاڻيءَ کي پهريون انعامسنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ پاران هدايتڪاريءَ تي 1978ع ۾ ڏنو ويو، جڏهن ته ’فنا‘ ڊرامي تي ليکڪ جي حيثيت ۾ کيس پهرئين نمبر جو انعام 1998ع ۾ راجسٿان سنڌي اڪيڊمي، جئپور طرفان مليو. 1985ع ۾ کيس سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا، ممبئي ۽ نيو دهليءَ پاران کيس بهترين اداڪار جو اوارڊ به مليل آهي. 1999ع ۾ سندس سموري ڪم جي مڃتا طور مهاراشٽر اسٽيٽ سنڌي اڪيڊميءَ طرفان اوارڊ سان نوازيو ويو.
هن سنڌي ڊرامن کانسواءِ ڪيترن هندي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي. اڄڪلهه هو شاعري ۽ ادب تي تنقيدي مضمون لکي پيو ۽ هنومان نگر، ناگپور، مهاراشٽر ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.09.27  عيسوي

هندستان جو مشهور سنڌي اداڪار، ڊراما ليکڪ ۽ هدايتڪار، سندر بوٽاڻي، 27 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت ڪٽنب سان گڏ ڀارت هليو ويو، جتي ناگپور ۽ پوءِ مهاراشٽر ۾ رهڻ لڳو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفور ڀرڳڙي
عباس سارنگ
رشيد بن زبير قاضي
مخدوم محمد اسماعيل سومرو
اقبال ٿيٻو
راڻو ڏهرو
ڀٽي سليم اختر
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
پريتم پياسي
ثابت فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون